SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ائٽمي هٿيار گهٽائڻ جو معاهدو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ائٽمي هٿيار گهٽائڻ جو معاهدو

START Strategic Arms Reduction Treaty

اسٽريٽجڪ آرمس رڊڪشن ٽريٽي

آمريڪا ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ 31-جولاءِ 1991ع تي ٿيل ٻه-طرفو ٺاهه، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وٽ موجود 1600 جهازن، ميزائيلن ۽ ٽوٻر سامونڊي ٻيڙن تي 6000 کان وڌيڪ ائٽمي هٿيار لڳائڻ تي بندش مڙهي وئي. هي معاهدو انساني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڳُوڙهو ۽ وڏو مُذاڪراتي سلسلو هو. ان جي لاڳو ٿيڻ سان 2001ع تائين موجود 40 سيڪڙو ائٽمي هٿيارن جو خاتمو ممڪن ٿيو. ائٽمي هٿيار گهٽائڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل اتفاق سبب تڏهوڪي آمريڪي صدر رونالڊ ريگن جي تجويز تي معاهدي کي START-I جو نالو ڏنو ويو . انهيءَ معاهدي تحت ٻنهي ڌُرين 1 کان 6 هزارن جي انگ ۾ منهنجا ائٽمي هٿيار ضايع ڪيا. هي معاهدو 5-ڊسمبر 2009 تي مُدو پورو ڪرڻ بعد ختم ٿي ويو. ان معاهدي جي تسلسل ۾ اڳتي هلي 3- جنوري 1993ع تي سوويت يونين ۽ آمريڪا هڪ ٻيو معاهدوSTART-II جي نالي سان ڪيو. ان تحت هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ تائين مار ڪندڙ ميزائيلن جو انگ گهٽائڻ تي اتفاق ظاهر ڪيو ويو . اڳتي هلي آمريڪا طرفان ABM ( Anti Ballestic Missile ) معاهدي تان هٿ کڻڻ جي جواب ۾ سوويت يونين به 14-جون 2002ع تي START-II تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو. بعد ۾ ٻنهي ملڪن START-III جي نالي سان ائٽمي هٿيارن ۾ وڏي پيماني تي لاٿ آڻڻ جو اعلان ڪيو ، پر سندن وچ ۾ اهڙي اڳڀرائي هيلسنڪي ۾ ٿيل ڳالهين جي دور کان اڳتي وڌي نه سگهي. البت 8- اپريل 2010ع تي روس ۽ آمريڪا وچ ۾ NEW START جي نالي سان ’پراگ‘ جي شهر ۾ هڪ معاهدو ٿيو. ان معاهدي سڀني START ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اڳڀرائي ڪئي . ان معاهدي جي نتيجي ۾ ائٽمي هٿيار ڇوڙيندڙ لانچرن جي انگ ۾ اڌو اڌ گهٽتائي آڻڻ ۽ هٿيار چڪاسڻ ۽ تصديق ڪرڻ جي سرشتي کي بهتر بڻائڻ لاءِ راضپو ٿيو. توقع آهي ته اهو معاهدو2021ع تائين جاري رهندو


Remember Me Also:

ڍئونگ

ذ. مَڪَرُ ، بهانو ، ڪوڙ ، نٽائڻ يا ناڪار واري حالت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal